الهه بند

الهه بند/ الله بند: سنڌ ۽ ڪڇ جي سرحد تي ٺهيل هيءُ بند 1232هه/1817ع واري زلزلي ۾ ازخود ٺهي پيل قدرتي بند آهي. هن زلزلي سبب ڍورو (اڀرندو نارو) اصل جاءِ تان پنهنجو رُخ ڦيرائي ويو. ”الهه بند“ لڳ ڀڳ 80 ڪلوميٽر ڊگهو ۽ پنجن کان 6 فٽ اوچو آهي. ڇاڪاڻ ته اهو قدرتي طور اڀريو ۽ بند جهڙو آهي، انڪري ان جو نالو پئجي ويو ’الله بند‘.


هن صفحي کي شيئر ڪريو